زڪيه بيگم

زڪيه بيگم: نامور سماجي ڪارڪن زڪيه بيگم 1912ع ڌاري جالندر، ڀارت ۾ محمد بخش پٺاڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والدين 1924ع ۾ جالندر مان لڏي سنڌ ۾ لاڙڪاڻي آيا، جتي هن جي 1928ع ۾ ڏندن جي ڊاڪٽر مهتاب احمد قريشيءَ سان شادي ٿي. هن ڪنهن به اسڪول ۾ تعليم نه ورتي هئي، پر پنهنجي گھر ۾ قرآن مجيد، اردو ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي مڙس کان انگريزي تعليم ورتائين. هوءَ 1931ع ۾ مڙس سان گڏ لاڙڪاڻو ڇڏي، جيڪب آباد ۾ رهائش پذير ٿي. جيڪب آباد ۾ رهڻ بعد هن سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو. شهر توڙي ٻهراڙيءَ جا غريب ماڻهو کيس همدرد ۽ مددگار سمجھڻ لڳا. هن ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالحميد خان ۽ احمد ميان سومري جي گھر واريءَ سان گڏجي جيڪب آباد ۾ هڪ اسلامي درسگاهه قائم ڪئي، جتي نياڻين کي ديني تعليم، اردو ۽ سنڌي پڙهائڻ کانسواءِ ڀرت جي ڪم جي سکيا پڻ ڏني ويندي هئي. بعد ۾ هن انهن عورتن سان گڏجي 1958ع ۾ عورتن جي ڀلائيءَ جو هڪ ادارو آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن (اپوا) قائم ڪيو، جنهن جي پاڻ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿي. ان تنظيم جي پليٽفارم تان عورتن جي هٿ جي هنر کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرايائين. عورتن کان ڀرت، ڪڙهائي ۽ سلائي جو ڪم ورتو ويندو هو. سنڌي ٽوپيون ۽ گھگھا سبرائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا، جنهن سبب سٺو منافعو ملڻ ڪري عورتون گھر ويٺي سٺو ڪمائڻ لڳيون ۽ ان سان گڏ سنڌ جي ثقافت کي پڻ هٿي ملي. زڪيه 1983ع تائين آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري رهي. هن 22 مارچ 1984ع تي وفات ڪئي. زڪيه بيگم اديب ۽ صحافي غالب لطيف قريشي ۽ ڊاڪٽر جهانگير قريشيءَ جي والده هئي.


لفظ زڪيه بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.03.22  عيسوي

نامور سماجي ڪارڪن زڪيه بيگم 1912ع ڌاري جالندر، ڀارت ۾ محمد بخش پٺاڻ جي گھر ۾ جنم ورتو.هن 22 مارچ 1984ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علياڻي محمد ڄام
حميده کهڙو ڊاڪٽر
مير رسول بخش خان ٽالپر
جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي
زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين
حامد شاهه فقير
داداڀائي ولي محمد
ڀٽي مخدوم احمد
شاهه قاسم بيگلار1
جمالي حاجي محمد بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون